بئنڪنگ4 منٽ

9 سالن جي تڪليف

هيءَ منهنجي ڪهاڻي آهي ته ڪيئن آءٌ 9 سال هڪ اهڙي سسٽم ۾ ڦاسي پيس جتان نڪرڻ هڪ فيملي واري مڊل ڪلاس ماڻهوءَ لاءِ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي.

ڪهاڻي 2010 ۾ حيدرآباد کان شروع ٿي، جڏهن ويهي ويهي آخر منهنجي دماغ ۾ خلل پيو ته ڪمائڻ گهرجي. هاڻي هڪ ٻارهين پاس کي ڪهڙو ڪم ملڻو هو؟ مهارت اها هئي ته ڪمپيوٽر جو الف ب پتو هو، هارڊويئر کان وٺي سافٽ ويئر تائين سڀ مسئلا حل ڪري وٺندو هوس.

هڪ گيمنگ زون تي ڪم شروع ڪيم. گيمنگ جو جنون به هو ۽ ڪمپيوٽر جو به، لڳو ته پرفيڪٽ ميلاپ آهي. ڪم ۾ ته تمام گهڻو مزو ايندو هو، ان وقت جي حساب سان پگهار به ٺيڪ هئي، پر مالڪ سان ڪجهه اختلافن سبب نه نڀيو ۽ 3 مهينن کان پوءِ هي نوڪري ڇڏي ڏني. 2011 جي شروعات ٿي چڪي هئي. هاڻي هي ڪمائڻ وارو ڪيڙو نڪري ئي نه پيو. ان ئي دوران ڳوٺ وڃڻ ٿيو ۽ ڀائرن سان ڳالهين ڳالهين ۾ ٽي وي ڪيبل بابت ڳالهه نڪتي.

مون موقعي تي چوڪو هڻندي ڪم ڪرڻ جي ذميواري کنئي ته توهين بس شروع ڪريو، ڪم آءٌ ڪندس. ٻئي ڀائر پنهنجي دڪانداري ۾ رڌل هوندا هئا، هنن به سوچيو ته ڀلو آهي، پنهنجو ماڻهو ڪم تي به لڳي ويندو ۽ هڪ ڪاروبار به شروع ٿي ويندو.

ان ڪم کي شروع ٿيڻ ۾ 6 مهينا لڳي ويا. امڙ ۽ ابي کي ٻڌايم ته آءٌ ڳوٺ پيو هلان، ڀائرن سان گڏ ڪم ڪرڻ. هاڻي امڙ ۽ ابو حيدرآباد شفٽ ئي منهنجي پڙهائيءَ ۽ ابي جي ڪم سبب ٿيا هئا، پر هنن جو ڳوٺ موٽي اچڻ جو ڪو پروگرام ڪونه هو. امڙ (الله کيس جنت نصيب ڪري) کي منهنجي پري وڃڻ جي ڪري تمام گهڻي پريشاني هئي. هاڻي ڪيبل جو ڪم شروع ڪيم. سڄو ڏينهن گرميءَ ۾ ماڻهن جي گهرن جا چڪر هڻڻ جان جوکم وارو ڪم هو، ۽ آءٌ سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر اڳيان ڇانوَ ۾ ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو.

هڪ ئي هفتي ۾ خبر پئجي وئي. خير همت نه هاريم، ان ئي دوران منهنجا پيپر اچي ويا. موٽي حيدرآباد آيس. پيپر ڏيڻ دوران طبيعت خراب ٿي وئي ۽ موٽڻ جو سڄو پروگرام خراب ٿي ويو. ڀائر خوب ناراض ٿيا، پر ڪم جو جنون اڃا به مٿي تي سوار هو، جنهن جو اندازو ابي ۽ امڙ کي به ٿي چڪو هو.

ابي جو هڪ دوست بئنڪ الحبيب ۾ ايريا مينيجر هو. ابي هن کي چيو ته يار پٽ لاءِ نوڪريءَ جو ڪجهه ڏسو. هاڻي گريجوئيشن ته مڪمل ڪئي ڪانه هيم (هڪ ٻي ڪهاڻي 😁)، ان ڪري هن چيو ته ڪيشيئر جي نوڪري جيڪڏهن ڪري سگهي ٿو ته انٽرويو لاءِ موڪليو.

ابي پڇيو: ها، ڇا موڊ آهي؟ مون چيو بس ٽائيم ٻڌايو. جمعي جو ڏينهن هو، صبح جو 11 وڳي ابي چيو هو هاڻي ئي سڏي رهيا آهن، 12 وڳي تائين، پوءِ نماز جو وقفو ٿي ويندو. ٽائي ٻڌي وڃجان، جيڪا مون کي ٻڌڻ نه ايندي هئي. خير 2011 ۾ يوٽيوب تان ٽائي ٻڌڻ سکندي پاڻ کي وڏو عقلمند محسوس ڪيم.

اهڙيءَ طرح سڀ انٽرويو ڪاميابيءَ سان پار ڪندي 27 رمضان تي بئنڪ الحبيب قاسم آباد برانچ ۾ ڪيشيئر طور منهنجو پهريون ڏينهن هو. نوڪريءَ جي تمام گهڻي خوشي هئي.

هن نوڪريءَ جي هڪ مهيني دوران مون کي اندازو ٿي ويو ته نه آءٌ اها نوڪري ڪري سگهان ٿو ۽ نه ئي مون کي ڪرڻ گهرجي. منهنجا سڀ دوست جيڪي بئنڪن ۽ ٻين ڪارپوريٽ ادارن ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن، انهن سڀني کان معذرت، هي منهنجي پنهنجي راءِ ۽ تجربو آهي. آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ نئين ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽرن کي شامل رکڻ چاهيان پيو، جيڪو ڪيشيئر جي نوڪريءَ ۾ ممڪن نه هو. بئنڪ ۾ رڳو وڃڻ جو وقت مقرر آهي؛ گهر موٽڻ لاءِ توهان کي تمام گهڻا ڪم مڪمل ڪرڻا پون ٿا جن کان سواءِ توهان جو موٽڻ ممڪن ناهي. اهڙا ڏينهن به ڏٺم جڏهن رات جا 3 وڳي ۽ آچر جي ڏينهن به بئنڪ وڃڻو پيو، عيد جي ٽنهي ڏينهن روزانو چڪر هڻڻ وغيره. ۽ هڪ ڪيشيئر جا مسئلا ان کان سواءِ آهن، جن ۾ 25000 جا ٻه جعلي پرائز بانڊ ڳچيءَ پوڻ ڪي اهڙا واقعا آهن جيڪي آءٌ ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي، پر ڪجهه پردو رهجي وڃي ته بهتر آهي.

هاڻي جڏهن توهين هڪ نوڪريءَ سان لڳي وڃو ته ايندڙ واري شاديءَ جي ٿيندي آهي. منهنجي نوڪري لڳڻ کان هڪ سال اندر شادي ٿي وئي، ذميواري وڌي وئي ۽ اهڙيءَ طرح بئنڪ جي نوڪري هلندي رهي. بئنڪ جي نوڪريءَ جو ٽائيم ته مون توهان کي ٻڌائي ڇڏيو، هاڻي ان دوران ماڻهو ٻيو ڇا ڪري؟ آءٌ هڪ سٺو بئنڪر نه هوس، گهربل کان وڌيڪ موڪلون ڪندو هوس، بيمار رهڻ لڳو هوس. رڳو هڪ ڳالهه جو يقين آهي ته جڏهن بئنڪ ۾ پنهنجي نوڪريءَ تي هوندو هوس ته پنهنجو 100 سيڪڙو ڏيندو هوس.

منهنجو بئنڪنگ ڪيريئر آگسٽ 2011 ۾ شروع ٿيو ۽ ڊسمبر 2020 ۾ ختم ٿيو. هي 9 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿئي ٿو، ۽ آءٌ انهن 9 سالن ۾ لڳاتار رستو ڳولهيندو رهيس ته ڪيئن هن سسٽم مان ٻاهر نڪران. ڪورونا دوران جتي ماڻهن کي تمام گهڻي پريشاني ۽ تڪليف ٿي، اتي بئنڪنگ جو ٽائيم گهٽ ٿيو جنهن ڪري آءٌ فري لانسنگ جي دنيا کي بهتر وقت ڏئي سگهيس. انهن 9 سالن ۾ فري لانسنگ جي ڪوشش لڳاتار جاري هئي.

فري لانسنگ سان پهريون ڊالر ڪمائڻ ۾ 9 سال لڳا

۽ اهڙيءَ طرح آءٌ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي تڪليف کان آزاد ٿي ويس. اڄ به ڪوشش اها ئي آهي ته نوڪر نه بڻججي بلڪه پارٽنر بڻجي ڪم ڪجي.

پر هن ڳالهه جو يقين آهي ته اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان، انهن ئي تجربن سبب آهيان. ان ڪري زندگيءَ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ئي سهي، نوڪري ضرور ڪريو، خاص ڪري ڪنهن ڪارپوريٽ اداري ۾. تمام گهڻا سبق حاصل ٿين ٿا.

سنڌيءَ جي ٽنگ ڀڳي هجي ته اصلاح ضرور ڪجو.