پيار جي ڪهاڻي
منهنجو پهريون پيار ته تمام ڊگهي ڪهاڻي آهي، ان تي لکڻ جاري آهي. اڄ منهنجي ٽئين محبت جي ڪهاڻي پڙهو.
هيءَ ڪهاڻي شروع ٿي حيدرآباد جي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ ۾. منهنجي پياري دوست متين ڀاءُ سان ڳالهه پئي ٿي ته آءٌ گيمز کيڏندو آهيان، پر باقاعدي پروفيشنل سطح تي (ان وقت پروفيشنل جي خبر ئي ڪانه هئي، ٻار هئاسين).
متين ڀاءُ چيو: فيفا کيڏندو آهين؟
مون جواب ڏنو: نه يار، شوق ته گهڻو آهي پر ساڻ کيڏڻ وارو ڪو ناهي. ڪمپيوٽر سان مزو نٿو اچي.
ڀاءُ چيو: مان آهيان نه يار.
مون چيو: بهترين ڳالهه آهي، راحيل ڀاءُ جي گيمنگ زون تي اچي وڃو، مزو ڪنداسين.
هاڻي فيفا، جيڪا فوٽبال جي ڪمپيوٽر گيم هئي، سا ته مون 2002 ۾ کيڏي هئي. هيءَ ان وقت 2006 جي ڳالهه آهي ۽ ان جو 2006 وارو ورزن ان وقت کيڏيو پئي ويو.
ڀاءُ سان هاڻي ڪمٽمينٽ ڪري ڇڏي هئم، تنهنڪري راحيل ڀاءُ کان اجازت وٺي هڪ ڪمپيوٽر تي فيفا انسٽال ڪيم ۽ پريڪٽس شروع ٿي وئي. متين ڀاءُ ڪجهه مصروفيتن سبب ڪافي ڏينهن پوءِ آيو.
پوءِ اسان فيفا کيڏي ۽ ڏاڍو مزو ڪيو. گيمنگ زون تي ٻين دوستن به اسان کي کيڏندي ڏٺو ۽ تبصرو ڪيو ته هيءَ ڇا عجيب گيم آهي، ان جا رولز ڇا آهن وغيره وغيره.
آءٌ ان وقت گهڻو ڪري ڪائونٽر اسٽرائيڪ کيڏندو هوس، جيڪا هڪ ٽيم گيم آهي، هر ٽيم ۾ 5 ساٿي هوندا آهن. اسان جي ٽيم جو نالو Simplicity هو، ۽ اسان ميچ دوران Simp انيشل رکندا هئاسين (جيڪو اڄ سوچي ڏاڍو مزو ٿو اچي 😂). هاڻي ٽيم گيمز ۾ وڙهه گهڻو ٿيندو آهي جنهن کان آءٌ سخت بيزار هوس (حقيقت ۾ آءٌ کيڏاڙي بيڪار هوس، هيءَ شوٽنگ ۽ اسٽريٽجي واري گيم هئي جنهن ۾ آءٌ ڏاڍو ڪمزور هوس). آءٌ فيفا کيڏندو رهيس، گهر ۽ گيمنگ زون ٻنهي هنڌن تي. راحيل ڀاءُ، ذيشان ڀاءُ، فهد ۽ ڪيترائي دوست آهستي آهستي هن گيم ڏانهن مائل ٿيڻ لڳا.
آءٌ هن گيم کي آن لائن انٽرنيشنل سطح تي کيڏڻ لڳس. GameOn نالي هڪ پليٽ فارم هو جتي گهڻائي ايراني گيمرز جي هوندي هئي. ڪنيڪشن تمام خراب هوندو هو پر اسان کي پرواهه ڪانه هوندي هئي. ائين ئي راند ۽ ڪاروبار ٻنهي خاطر ٽورنامينٽ ڪرائڻ شروع ڪيا. راحيل ڀاءُ به خوش، اسان به خوش.
ائين ئي ESL نالي هڪ پليٽ فارم مليو جتي يورپي رانديگرن سان کيڏڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته پروفيشنل گيمر ڇا هوندو آهي. اسلام آباد جا دوست ٿيا سعد نسيم، ڪراچيءَ مان وليد، عمر ڀاءُ، بابر دي گريٽ، فرخ دي ميجيشن، ايبٽ آباد کان نديم ڀاءُ، ۽ Fifa Online Pakistan جو هڪ گروپ ٺهي ويو.
هاڻي ان ۾ منهنجو عشق، منهنجو پيار ڪٿي آهي؟
هن ئي گيم سبب آءٌ پهريون ڀيرو فلي فنڊڊ لاهور جي ٽرپ تي ويس ٽورنامينٽ کيڏڻ 2008 ۾، 2009 ۾ ٻيهر ويس لاهور. ڪراچي ٻه ڀيرا ويس.
پر هن گيم جي ڪري مون کي منهنجو هڪ اهڙو عشق مليو جيڪو اڄ به مون سان گڏ آهي. 2008 جي هڪ ٽورنامينٽ کٽڻ جي انعام طور مون کي مليو iPod mini جيڪو هڪ ميڊيا پليئر هو، توهان ان کي MP3 پليئر به سمجهي سگهو ٿا.
جڏهن هي مون کي مليو ته مون وٽ ان تي ٻڌڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. گانا ٻڌڻ جو بلڪل شوق ڪونه هو، ڪول ٿيڻ لاءِ 99 Problems ٻڌندو هوس.
تڏهن مون کي انگريزي سکڻ جو ڏاڍو شوق هو. خبر ناهي ڪٿان ڪنهن هي ٽپ ڏني ته انگريزي آڊيو ڪتاب ٻڌ، ۽ جيڪڏهن سمجهه ۾ نه اچي ته شروع ۾ ساڳئي ڪتاب جي PDF اسڪرين تي سامهون رک ۽ ٻڌندو به وڃ ۽ پڙهندو به وڃ.
اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن، ٻڌڻ وارو ڪم اڄ به جاري آهي. ڪتاب پڙهي نه سگهجي ته ٻڌندا ضرور آهيون، ۽ هي اهڙو عشق ۽ پيار آهي جنهن جي ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ سان گڏ جاري ۽ ساري آهي. شايد هن وقت تائين ٻڌڻ جو انگ هزارن ۾ پهچي چڪو هوندو.
انهن سڀني دوستن کان معذرت جن جا نالا رهجي ويا. سنڌيءَ جي ٽنگ ڀڳي هجي ته اصلاح ضرور ڪري ڇڏجو.