افسوس ڪرڻ کان بهتر آهي ڪم شروع ڪريو
منهنجي هڪ دوست مون کي 2010 ۾ گوگل تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو هو، جيڪو آن لائن ڪم ئي هو ۽ اهو ساڳيو ڪم هو جيڪو مون 2020 ۾ شروع ڪيو.
هاڻي افسوس ڪريان ته 2010 ۾ ڪري وٺان ها؟
منهنجي هڪ دوست 2016 ۾ مون کي بٽ ڪوئن بابت چيو ته ڪم جي شيءِ آهي، خريد ڪر. هاڻي افسوس ڪريان ته خريد ڪري وٺان ها؟
پر مون کي افسوس ناهي ڇو ته ان وقت منهنجي حالتن مون کي جڪڙي رکيو هو.
پر مون ڪڏهن به انهن ڳالهين کي وساريو ناهي
جنهن دوست 2010 ۾ گوگل SEO جو چيو هو، اهو پاڻ وسري ويو آهي، پر مون کي ياد آهي. 9 سال بينڪ ۾ نوڪري جي باوجود منهنجي مسلسل ڪوشش هئي ته آئون آن لائن جي فيلڊ ۾ اچي وڃان.
مون 2002 ۾ ڪمپيوٽر سکڻ شروع ڪيو هو ۽ 2014 کان اپ ورڪ ۽ فائيور تي پروفائل ٺاهي لڳو رهيس. 2020 ۾ وڃي ڪجهه ڪم بڻيو.
هاڻي ان کي توهان 6 سال سمجهو يا 18 سال، ڳالهه رڳو ايتري آهي ته رات جو رات رڳو لاٽري نڪري ٿي.
ڪم ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ زندگي گذري ويندي آهي، تنهنڪري افسوس ڪرڻ کان بهتر آهي ڪم شروع ڪريو.