اڄ به اهي 12 ڪلاڪ مون کي ياد ناهن
ته قصو ڪجهه هن ريت آهي ته 2015 ۾ منهنجي نوڪري شهدادپور جي سونيري بئنڪ ۾ هئي. ان دوران مون کي هڪ آن لائن ريسرچ جو ڪم ملي ويو، جيڪو حيدرآباد وڃي مڪمل ڪرڻو پوندو هو.
جيڪڏهن توهان کي هن ڪم ۾ دلچسپي آهي ته مون کي ضرور ٻڌايو، آءٌ پوري تفصيل شيئر ڪندس ته مون کي اهو ڪيئن مليو.
پوءِ مون پروگرام ٺاهيو ته جمعي جي ڊيوٽي ڪري عامر ڀاءُ کان اڌ ڪلاڪ اڳ موڪل وٺي بائيڪ تي نڪري پوندس.
مون جهڙي سست ماڻهوءَ لاءِ ڪو ڏيڍ ڪلاڪ جو رستو آهي، پر رستي ۾ بائيڪ جو پيٽرول وارو پائيپ ڀڄي پيو ۽ سڄو تيل وهي ختم ٿي ويو.
رستي ۾ ڪجهه ماڻهن مدد ڪئي. خير، آءٌ 5:30 تي نڪتل پنهنجي منزل تي ڪو 8 يا 8:30 وڳي پهتس.
جتي ترسڻو هو اتي پهچندي ئي گهر اطلاع ڏنم ۽ شاور لاءِ گهڙي ويس. ان کانپوءِ صبح جو اک کلي ته سرهاڻي هيٺان هڪ موبائل پيل هو (ائين ته ان وقت مون وٽ ڪم جي حوالي سان 2 يا 3 موبائل هوندا هئا)، نڪي بائيڪ جي ڪنجي، ۽ مٿي ۾ سخت سور.
ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو
ٽيبل تي ڪجهه دوائون به رکيل هيون. موبائل تان ڪال ڪرڻ جو سوچيم ته ڏٺم ته هڪ پياري دوست سان آخري ڳالهه ٿي هئي، ۽ ياد نه پئي آيم ته ساڻس ڇا ڳالهايو هئم ۽ ڪڏهن.
خير، هاڻي فاروق ڀاءُ کي ٻيهر ڪال ڪيم ته ڪال کڻندي ئي هن پڇيو:
اڙي، توکي ڪجهه ياد آيو يا اڃا به ائين جو ائين آهين؟
جيستائين اندازو آهي، شاور وٺڻ دوران آءٌ شايد ڪري پيو هئس ۽ مٿي تي ڌڪ لڳو هو. گهر به ڪال ڪري عجيب عجيب ڳالهيون ڪندو رهيس، ۽ منهنجا دوست ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ آيا ته انهن سان به سڄي رات خبر ناهي ڇا اول فول ڳالهائيندو رهيس.
گهر وارن کان، دوستن کان پڇان ٿو ته چون ٿا ته بس وساري ڇڏ، نه پڇ.
مون کي ته ائين به اهي 12 ڪلاڪ ياد ناهن، مسئلو ئي اهو آهي.