زندگيءَ جا سبق4 منٽ

ٻه ڏينهن، هڪ سراءِ، ۽ منهنجو پنهنجو ڊيش بورڊ

ٻه ڏينهن، هڪ سراءِ، ۽ منهنجو پنهنجو ڊيش بورڊ

19 آڪٽوبر 2026 جي رات مون Claude کي هڪ ننڍي فرمائش ڪئي. مون کي هڪ ڊيش بورڊ گهرجي جيڪو منهنجي Gmail سان ڳنڍيل هجي. ان ۾ منهنجن ڪمن جي فهرست هجي، ڪئلينڊر هجي، منهنجين ويب سائيٽن جون هفتيوار رپورٽون هجن، ۽ جيڪي ايررز بار بار اچن يا جن کي آءٌ نظرانداز ڪريان، اهي پاڻمرادو مٿي چڙهندا وڃن. ساڻس گڏ اهو به ٻڌائي ته ڪهڙيون اي ميلون بيڪار آهن ۽ ڪهڙن کان ان سبسڪرائب ڪري ڇڏيان. ۽ ها، پوءِ اينڊرائيڊ ايپ به. ۽ ٿي سگهي ته WhatsApp به.

ننڍي فرمائش. 😁

پهريون ڪم جيڪو Claude ڪيو سو ڪوڊ لکڻ نه هو. هن منهنجو ان باڪس ڏٺو. هفتي ۾ تقريباً ٻه سؤ اي ميلون. هڪ ويب سائيٽ جو بلڊ هفتي ۾ ٻه ڀيرا فيل ٿيو هو ۽ ٻئي اي ميلون اڃا تائين اڻپڙهيل پيل هيون. يعني جيڪو مسئلو آءٌ ڊيش بورڊ کان حل ڪرائڻ چاهيان پيو، سو منهنجي ان باڪس ۾ اڳ ئي مون تي کلي رهيو هو.

پوءِ سوال آيا. ڊيٽا ڪٿي رکجي، ڪهڙو AI استعمال ڪجي، WhatsApp ڪيئن ڳنڍجي. هر سوال سان گڏ هڪ صلاح ۽ فيصلو منهنجو. ڪم منهنجي پراڻي طريقي سان ٿيو، هڪ استاد ۽ ڪيترا شاگرد. استاد منصوبو ٺاهيندو ۽ چيڪ ڪندو، شاگرد ڪوڊ لکندا.

ساڳئي رات ATBHub لائيو ٿي ويو. منهنجي 316 اي ميلن جو خلاصو ٺهي چڪو هو، ايررز جي ڏاڪڻ ٺهي چڪي هئي، ۽ ان سبسڪرائب واري فهرست ۾ اهي ڪمپنيون هيون جن جي 19 اي ميلن مان مون هڪ به نه کولي هئي.

هاڻي WhatsApp جي ڳالهه. مون کي لڳندو هو ته WhatsApp ۾ ڪو ايجنٽ وارو آپشن آهي، ان سان ڪم ٿي ويندو. ريسرچ ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته ذاتي WhatsApp لاءِ ڪو سرڪاري رستو آهي ئي ڪونه. آخر ۾ هڪ اوپن سورس ٽول چونڊيوسين ۽ ان کي منهنجي پراڻي ميڪ بُڪ تي لڳايوسين، جيڪو هاڻي ڪنڊ ۾ پيل رهندو هو. هڪ دلچسپ ڳالهه پڪڙي وئي. ان ٽول ۾ آٽو ريپلاءِ اڳ ۾ ئي آن هو. يعني جيڪڏهن اسين ان کي ائين ئي هلائي ڇڏيون ها ته منهنجي نمبر تان ماڻهن کي پاڻمرادو جواب وڃڻ شروع ٿي وڃن ها. اهو بند ڪيوسين، ٽول کي ان جي سورس ڪوڊ مان پاڻ ٺاهيوسين، ۽ ان کي رڳو پڙهڻ جي اجازت ڏني سين.

ڊيزائن تي مون ڏاڍو تنگ ڪيو. پهريون ڊيزائن سادو هو، مون چيو فيوچرسٽڪ ٺاهيو. ٽي آپشن آيا، مون چيو فينٽيسي وارا ڏيکاريو. ٽي ٻيا آيا. مون چيو زوم ڪريو، ڪجهه نظر نٿو اچي. 😂 پوءِ مون پنهنجن پسنديده ڪتابن جا نالا ڏنا، The Wandering Inn، Stormlight ۽ Dresden Files. آخر ۾ The Wandering Inn وارو ڊيزائن پسند آيو. ڪاٺ جو نوٽيس بورڊ، پراڻي ڪاغذ جا پرزا، ۽ ڪمن کي “Quests” سڏيو وڃي ٿو. ساڻس گڏ هڪ فرمائش ٻي به ڪئي ته رنگ جهول جي موسم موجب بدلجن. هاڻي رات ٿئي ته نيرو، برسات پوي ته سائو، ۽ 38 ڊگري کان مٿي گرمي ٿئي ته ڳاڙهو گهرو.

منهنجو ڊيٽا ڪيترو محفوظ آهي؟

پوءِ مون هڪ سوال پڇيو جيڪو مون کي پهرين ڏينهن ئي پڇڻ گهرجي ها. منهنجو ڊيٽا ڪيترو محفوظ آهي؟

جواب ايماندار هو. سڀ کان وڏو خطرو ڪو هيڪر نه هو، پر اهو فيصلو هو جيڪو مون پاڻ ڪيو هو. مون پئسا بچائڻ لاءِ Gemini جو فري ٽيئر چونڊيو هو، ۽ فري ٽيئر تي گوگل توهان جو ڊيٽا پنهنجين پراڊڪٽس کي بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. يعني منهنجون اي ميلون ۽ ٻين ماڻهن جا WhatsApp ميسيج به. ڪجهه سينٽ بچائڻ جي چڪر ۾ اهو سودو مهانگو هو. پيڊ ٽيئر ڏانهن شفٽ ڪيوسين، پراڻي ميڪ تي فائر وال لڳائي سين، پاسورڊ سان لاگ ان بند ڪيوسين، هر ڪم جي الڳ ڪنجي ٺاهي سين، ۽ WhatsApp جا ميسيج 30 ڏينهن کانپوءِ پاڻمرادو ڊليٽ ٿيڻ لڳا.

ان کانپوءِ اينڊرائيڊ ايپ. مون صاف چيو ته اهڙي ايپ نه گهرجي جيڪا ڪروم جي اندر هلي. Supabase ۽ ٻين آپشنز تي ريسرچ ٿي ۽ اصل اينڊرائيڊ ايپ ٺهي. فنگر پرنٽ لاڪ، آف لائن ڪم، پش نوٽيفڪيشن، ۽ فون تي به WhatsApp جو بيڪ اپ، ته جيئن ميڪ بند ٿي وڃي تڏهن به ميسيج نه رڪجن. ايپ وائي فائي ذريعي منهنجي فون تي انسٽال ٿي. پهريون ڀيرو ڳنڍڻ ۾ چار دفعا ايرر آيو، پنجين دفعي ڳنڍجي ويو.

پوءِ آخري ۽ منهنجي لاءِ سڀ کان اهم حصو. منهنجا ڪم جا گروپ، جن ۾ ماڻهو مون کي ڪم ٻڌائين ٿا ۽ اهي چيٽ ۾ دٻجي وڃن ٿا. هاڻي جيڪو به ڪم مون کي ٻڌايو وڃي، AI ان کي سڃاڻي پاڻ ئي منهنجي فهرست ۾ وجهي ڇڏي ٿو. اهو تيستائين اتي رهي ٿو جيستائين آءٌ پاڻ ان کي مڪمل نه ڪريان. هر ڏينهن جيڪو ڪم پيل رهي، اهو هڪ ليول مٿي چڙهي ٿو. چوٿين ڏينهن چوٿون ليول، ۽ فون تي الرٽ. جيڪڏهن ڪم کي وقت گهرجي ته آءٌ ان کي هڪ ليول هيٺ ڪري سگهان ٿو، پر اهو وري چڙهڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. ڪو بهانو ناهي.

غلطيون به ٿيون، ۽ اهي به ٻڌائڻ گهرجن. WhatsApp جي خلاصي ۾ لکيل ايندو هو “Me told the group”. هڪ دفعو مون پنهنجي ٽيم کي ڪم چيو ۽ AI اهو ئي ڪم منهنجي فهرست ۾ وجهي ڇڏيو. ۽ ايپ جي اپڊيٽ هڪ دفعو ان ڪري فيل ٿي جو هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽي ورزن اچي ويا هئا ۽ ايپ پراڻي ورزن جو حساب لڳائي رهي هئي. هر غلطي پڪڙي وئي، ٺيڪ ٿي، ۽ ان جو ٽيسٽ لکيو ويو. آخر ۾ 181 ٽيسٽ سرور تي ۽ 67 ايپ ۾.

ٻه ڏينهن. هڪ ويب ايپ، هڪ اينڊرائيڊ ايپ، WhatsApp جو پل، روزانو ۽ هفتيوار اي ميل، ۽ هڪ سراءِ جيڪا منهنجي موسم سان رنگ بدلائي ٿي. ۽ مون ڪوڊ جي هڪ به لائن پاڻ نه لکي. منهنجو ڪم فيصلا ڪرڻ هو، ۽ صحيح سوال پڇڻ.

AI توهان لاءِ سڀ ڪجهه ٺاهي سگهي ٿو، پر اهو سوال توهان کي پاڻ پڇڻو پوندو ته منهنجو ڊيٽا ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.

جيڪڏهن توهان به پنهنجو اهڙو سسٽم ٺاهڻ چاهيو ٿا ته ٻڌايو، آءٌ تفصيل شيئر ڪري ڏيندس. ۽ جيڪڏهن ڪٿي غلطي ٿي هجي ته اصلاح هميشه ڀليڪار آهي.