زندگيءَ جا سبق3 منٽ

هڪ استاد، ڪيترائي شاگرد: گهٽ ٽوڪن ۾ AI جو ڪم

هڪ استاد، ڪيترائي شاگرد: گهٽ ٽوڪن ۾ AI جو ڪم

سيپٽمبر 2026 ۾ مون پنهنجيون AI Safety شارٽس ٺاهڻ شروع ڪيون. ننڍيون ننڍيون وڊيوز، ڪوڊ مان ٺهيل اينيميشن. هڪ قسط تي 32 لک ٽوڪن خرچ ٿي ويا. آءٌ سوچ ۾ پئجي ويس ته ايڏي ننڍي وڊيو ۽ ايترو خرچ؟

غلطي منهنجي هئي. شروعات ۾ آءٌ Claude Code ۾ هر ڪم سڀ کان وڏي ماڊل کان وٺندو هئس. ريسرچ به، ڪوڊ به، فائلون به ۽ ورجائي ورجائي ڪيل چڪاس به. پوءِ جڏهن مون ايجنٽس استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ته هڪ ئي ايجنٽ هر قسط ۾ پوئين سموري ڪهاڻي پاڻ سان کڻيو گهمندو هو. يعني استاد پاڻ ئي پياز ڪٽي رهيو هو. 😁

شاديءَ جي ديڳ ته سڀني ڏٺي آهي. استاد مصالا طئي ڪري ٿو، چکي ٿو ۽ فيصلو ڪري ٿو ته ديڳ تيار آهي يا نه. پياز ڪٽڻ، ٿوم ڇلڻ، ٿانو ڌوئڻ، اهو شاگردن جو ڪم هوندو آهي. جيڪڏهن استاد سڄو ڏينهن پياز ڪٽيندو رهي ته ديڳ ڪڏهن به وقت تي نه پچي.

مون AI سان به اهو ئي ڪيو. منهنجو استاد Opus 5.5 آهي، ۽ سڀ کان ڏکيو ڪم هجي ته Fable 5.1. هي منصوبو ٺاهي ٿو، اسڪرپٽ ۽ اسٽوري بورڊ لکي ٿو، ۽ آخر ۾ هر شيءِ پاڻ چيڪ ڪري ٿو. شاگرد Sonnet 5.5 آهن. اهي ڪوڊ لکن ٿا، فائلون ٺاهين ٿا، ريسرچ ڪن ٿا ۽ رينڊر هلائين ٿا.

قيمت جو فرق به ڏسو. Anthropic API تي 10 لک ٽوڪن لکڻ جي قيمت Fable 5.1 تي 50 ڊالر، Opus 5.5 تي 20 ڊالر ۽ Sonnet 5.5 تي 10 ڊالر آهي. يعني شاگرد جو ڪم Opus کان اڌ ۽ Fable کان پنجين حصي جي قيمت ۾ ٿي وڃي ٿو. سبسڪرپشن ۾ به اهائي ڳالهه آهي، وڏو ماڊل توهان جي حد جلدي ختم ڪري ٿو.

پر سچ هي آهي ته اصل بچت رڳو سستي ماڊل مان نه آئي. ڳرو ڪم سستي ماڊل تي ويو، اهو هڪ سبب آهي. ٻيو هي ته استاد جو ذهن صاف رهي ٿو، هو هر فائل پاڻ نٿو پڙهي، رڳو شاگرد جي مختصر رپورٽ پڙهي ٿو. ۽ ٽيون، شايد سڀ کان وڏو، ته هاڻي هر قسط لاءِ نئون شاگرد اچي ٿو ۽ ساڻ هڪ پلي بڪ کڻي اچي ٿو. پراڻي سموري تاريخ ٻيهر نٿي پڙهڻي پوي. جيڪو ڪم سوچ گهرندو ئي ناهي، جهڙوڪ ميوزڪ رينڊر ڪرڻ يا وڊيو ڳنڍڻ، اهو سڌي ڪمانڊ سان ٿئي ٿو، صفر ٽوڪن.

نتيجو هي نڪتو ته قسط 2، 3 ۽ 4 تي 17 کان 32 لک ٽوڪن لڳا هئا. قسط 5 تي 4.5 لک، قسط 6 تي 3.6 لک ۽ قسط 7 تي 3.2 لک. تقريباً 75 کان 85 سيڪڙو گهٽ. ۽ جيڪا ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ وڻي، سڌاري جا چڪر به 2 يا 3 کان گهٽجي رڳو 1 رهجي ويا. معيار نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته فيصلو ۽ چڪاس اڃا به استاد وٽ آهي.

ساڳئي طريقي سان 100 شارٽس ٺهيون، استادن جي ڏينهن جي فلم ٺهي، شڪرگذاريءَ جي وڊيو ٺهي، ڊيلي ذڪر جون 64 ريلز ۽ 444 تصويرون ٺهيون، ۽ هڪ ڪلائنٽ جو 20 سيڪنڊن جو اشتهار به. ۽ هيءَ وڊيو به. اسڪرپٽ ۽ اسٽوري بورڊ Opus 5.5 لکيو، ڪوڊ، اينيميشن ۽ ميوزڪ ٻن Sonnet 5.5 شاگردن گڏ ٺاهيو، ۽ هر سين جي چڪاس استاد ڪئي. پوءِ ٽئين شاگرد منهنجون ٻڌايل غلطيون ٺيڪ ڪيون. ٽنهي شاگردن گڏجي تقريباً 6.3 لک ٽوڪن جو ڪم ڪيو، جڏهن ته استاد کي پوري ڳالهه ٻولهه ۾ رڳو تقريباً 2.3 لک ٽوڪن پڙهڻا پيا. سڌاري جو چڪر رڳو هڪ لڳو.

توهان اهو ڪيئن ڪري سگهو ٿا

جيڪڏهن توهان Claude Code استعمال ڪندا آهيو ته هي ڪم هڪ منجهند جو آهي.

پهريون، مين سيشن Opus 5.5 تي رکو. ڏاڍو ڏکيو پروجيڪٽ هجي ته Fable 5.1.

ٻيو، پنهنجي CLAUDE.md فائل ۾ هڪ اصول لکي ڇڏيو ته عام ڪم، جهڙوڪ ريسرچ، فائلون ٺاهڻ، ڪوڊ ۽ ورجائي ورجائي ڪيل چڪاس، Sonnet ايجنٽس ڪندا ۽ مين ماڊل رڳو منصوبو، چڪاس ۽ فيصلا ڪندو.

ٽيون، جيڪو ڪم ورجائبو رهي ٿو ان جي هڪ پلي بڪ ٺاهي ڇڏيو. هڪ فائل جنهن ۾ لکيل هجي ته ڪم ڪيئن ٿئي ٿو، ڪهڙيون فائلون ڪٿي آهن ۽ سٺو نتيجو ڪهڙو ڏسجي ٿو. پوءِ هر دفعي استاد کي ڊگهيون هدايتون نه ڏيڻيون پون ٿيون.

چوٿون، هر ڪم لاءِ نئون ايجنٽ. هڪ ئي ايجنٽ کي مهينن تائين هلائيندا رهندا ته هو هر دفعي پوري پراڻي ڪهاڻي ٻيهر پڙهندو آهي، ۽ ٽوڪن اتي ئي سڙن ٿا.

پنجون، جيڪو ڪم رڳو ڪمانڊ آهي ان کي ڪمانڊ ئي رهڻ ڏيو، ايجنٽ نه ٺاهيو.

۽ آخري، چڪاس ڪڏهن به نه ڇڏيو. شاگرد جو ڪم استاد ضرور ڏسي، هڪ واضح هدايت سان هڪ دفعو ٻيهر ڪرائي.

هر ننڍي ڳالهه ايجنٽ کي ڏيڻ به ٺيڪ ناهي. هڪ لائن جي تبديلي استاد پاڻ ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته ايجنٽ کي سمجهائڻ ان ڪم کان ڊگهو ٿي ويندو.

استاد جو ڪم سڀ ڪجهه پاڻ ڪرڻ ناهي. استاد جو ڪم اهو يقيني بڻائڻ آهي ته ڪم صحيح هجي.

جيڪڏهن ڪنهن کي سيٽ اپ ۾ مدد گهرجي ته ٻڌايو، آءٌ پنهنجيون فائلون شيئر ڪري ڇڏيندس. ۽ ڪٿي غلطي هجي ته سڌارو هميشه ڀليڪار آهي.