زندگيءَ جا سبق2 منٽ

شهرت جا 15 منٽ ۽ اڄ جي سوشل ميڊيا

هي هڪ انگريزي چوڻي آهي: 15 minutes of Fame: شهرت جا 15 منٽ.

اولهه ۾ راند دوران ڪيترن ئي سالن کان هڪ اصطلاح استعمال ٿيندو اچي، جنهن کي اسٽريڪر (Streaker) يا وري پچ انويڊر (Pitch Invader) سڏيو وڃي ٿو.

هاڻي هي پچ انويڊر ڇا آهي ۽ شهرت سان ان جو ڪهڙو واسطو؟

اولهه جي دنيا ۾ هي پچ انويزن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندو اچي ٿو. ان ۾ مختلف طريقا اختيار ڪري ماڻهو ڪنهن به راند (جهڙوڪ ڪرڪيٽ يا فٽبال) جي ميچ دوران راند جي ميدان ۾ گهڙي ايندا هئا. خاص ڪري جيتري وڏي ۽ اهم ميچ هوندي هئي، اوتري ئي اهڙن واقعن جا امڪان وڌي ويندا هئا.

نه رڳو ماڻهو ميدان ۾ گهڙي ايندا هئا، پر هرڪو ڪجهه نه ڪجهه نرالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڪي ننگا ٿي، ڪي عجيب قسم جا ڪپڙا پائي، ايستائين جو هڪ عورت 70 جي ڏهاڪي ۾ ان ڪري مشهور هئي جو هوءَ پچ تي گهڙي اچي مختلف مشهور رانديگرن کي چمي ڏئي ڀڄي ويندي هئي.

ان سڀ جو مقصد ڇا هو؟ جڏهن ته انهن ماڻهن تي سخت پابنديون به لڳايون وينديون هيون، جهڙوڪ اسٽيڊيم ۾ داخلا بند ڪرڻ ۽ هزارين ڊالرن جو ڏنڊ هڻڻ. پر اهي ماڻهو تڏهن به باز نه ايندا هئا.

آخر ڇو؟ ۽ ان جو حل ڇا ڪڍيو ويو؟

مقصد صاف ظاهر آهي: اهي ماڻهو رڳو ڪجهه منٽن جي شهرت لاءِ اهو سڀ ڪندا آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪنهن وڏي پليٽ فارم تي پاڻ کي ظاهر ڪري سگهن، ۽ جيتري عجيب ۽ شاڪنگ سندن حرڪت هوندي، اوتري ئي وڌيڪ اٽينشن کين ملندي.

هاڻي اولهه ۾ ان جو حل ڇا ڪڍيو ويو؟

تمام سادو حل آهي.

اهڙن ماڻهن کي اٽينشن نه ڏني وڃي. ائين محسوس ڪرايو وڃي ٿو ڄڻ انهن ماڻهن جو وجود ئي ناهي. جڏهن به ڪو پچ انويڊر ايندو آهي ته نه کيس ٽي وي تي ڏيکاريو ويندو آهي، نه ڪمينٽري ڪندڙ سندس ڪا ڳالهه ڪندا آهن. گهڻو ڪري ٽي وي تي ڏسندڙن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ڪونه ٿيندو آهي ته ڪجهه ٿيو به آهي.

ساڳيءَ ريت اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي به اهي انويڊر موجود آهن، جيڪي ڪنهن جي به ڪمينٽ سيڪشن يا پوسٽ تي ننگا ٿيڻ لاءِ اچي وڃن ٿا.

جيڪڏهن کين اٽينشن ملي وئي ته سندن ڪم ٿي ويو. هي پوسٽ هڪ استاد سان اهڙي ئي هڪ اسٽريڪر پاران ڪيل بدتميزيءَ جي پس منظر ۾ لکي وئي آهي.

سنڌي ۾ ڪا غلطي هجي ته اصلاح ضرور ڪجو.